ڪراچي(رپورٽر)صبا قمر جي تازي بيان تي رد عمل ڏيندي، مشهور اداڪارا جويريه سعود ڪراچي بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي، صبا قمر کي پاڪستان جي معروف اداڪارائن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، جيڪا تازو ئي ڊراما سيريل ڪيس نمبر 9 ۽ پامال ذريعي ٽي وي اسڪرين تي واپسي ڪري رهي آهي، صبا قمر جو هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي جنهن ۾ هن کان ڪراچي منتقل ٿيڻ بابت پڇڻ تي حيرت انگيز طور تي الله کان معافي گهري، جنهن تي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن سخت رد عمل ظاهر ڪيو، صبا قمر جي بيان تي رد عمل ڏيندي، جويريه سعود اداڪارا عفت عمر کي جواب ڏنو ته ڪراچي گندو ناهي، ماڻهن جي سوچ گندي آهي، جيڪي ان کي گندو سڏين ٿا، اهي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ملڪ کي گندو سڏي رهيا آهن، ڪراچي هجي يا پاڪستان جو ڪو به شهر، اسان کي پنهنجي زمين جي هر ڪنڊ سان پيار آهي. ڪراچي جي رهواسي جي حيثيت سان، هن واضح ڪيو ته شهر جي منفي تصوير پيش ڪرڻ صحيح ناهي.










