اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته اڄ پاڪستان جو اصولي موقف کٽي ويو آهي. اميد آهي ته شيون مثبت رخ ۾ اڳتي وڌنديون.پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ڳالهين جي گڏيل بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي هن چيو ته افغانستان جو امن پاڪستان سان ڳنڍيل آهي.طلال چوڌري چيو ته پاڪستان نٿو چاهي ته ڪنهن جي به سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿئي.مملڪتي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان هندستان لاءِ پراڪسي بڻجي ويو ته پوءِ افغانستان پنهنجي خودمختياري وڃائي سگهي ٿو.طلال چوڌري اهو به چيو ته افغانستان کي سمجهڻ گهرجي ته هندستان ان جي سلامتي ۽ خودمختياري جي ضمانت نٿو ڏئي سگهي.










