جاگيراڻي برادري ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ،هڪ ڄڻوقتل

جاگيراڻي برادري ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ،هڪ ڄڻوقتل

روهڙي (رپورٽر)روهڙي ڀرسان دبر ٿاڻي جي حد ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ مينهن چوري واري پراڻي تڪرار ٻيهر خوني صورت اختيار ڪري ورتي، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان اندهاڌند فائرنگ ڪئي۔ فائرنگ جي نتيجي ۾ اعجاز احمد جاگيراڻي موقعي تي مارجي ويو، امام بخش شديد زخمي اسپتال ۾ فوت جڏهن ته هڪ واٽهڙو سميت چار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا۔زخمين ۾ شير محمد، نديم ۽ عامر علي سومرو شامل آهن، جن کي پهرين تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو، جتان کين طبي حالت ڳڻي هجڻ سبب سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو۔واقعي بعد علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ ڇانيل آهي، ٻنهي ڌرين پاران وقفي وقفي سان فائرنگ جاري هجڻ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس جي فضا پيدا ٿي وئي آهي۔ پوليس موجب علائقي ۾ نفري وڌائي وئي آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي جڏھن تہ پوليس واٽھڙو زخمي عامر سومرو کان لا علمي ظاھر ڪئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو