اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، 4 ڏينهن جي ڳالهين کان پوءِ اطلاعات واري وزير عطا تارڙ سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ چيو ته ڳالهين ۾ ڪو قابل عمل حل نه ملي سگهيو، عطا تارڙ چيو ته ڳالهين دوران پاڪستان مطالبو ڪيو ته افغان سرزمين کي پاڪستان مخالف دهشتگرد تنظيمن پاران استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي، پر طالبان ثبوتن جي باوجود سرحد پار دهشتگردي کي روڪڻ جي ڪا به ضمانت نه ڏني، عطا تارڙ چيو ته افغان وفد بار بار ڳالهين جي مکيه مسئلي کان منهن موڙيو ۽ اهم نقطي کان هٽي ويو، پاڪستان پاران پيش ڪيل ثبوت ڪافي ۽ ناقابل ترديد هئا، ڳالهين جو واحد ايجنڊا افغان سرزمين تان پاڪستان تي حملا روڪڻ هو، اطلاعات واري وزير عطا تارڙ پيغام ۾ چيو ته طالبان افغان عوام کي غير ضروري جنگ ۾ ڌڪڻ چاهين ٿا، ڳالهين دوران افغان طالبان الزام تراشي، فرار ۽ چالاڪ بهانن جو سهارو ورتو، عطا تارڙ واضح ڪيو ته پاڪستان دهشتگردن ۽ انهن جي مددگارن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جاري رکندو. هن چيو ته هو پنهنجي ماڻهن ۽ زمين جي حفاظت لاءِ قدم کڻندو رهندو، اطلاعات واري وفاقي وزير قطر ۽ ترڪي جو ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو ته انهن افغان طالبان حڪومت کي پاڪستان خلاف دهشتگرد سرگرمين کي استعمال ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ياد رهي ته هوڏانهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پهرين ڏينهن ئي احساس ٿيو ته ڪابل حڪومت کي ڳالهين جو اختيار ناهي. ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي ته طالبان ڀارت جي پراڪسي وار شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته طالبان جو سڄي افغانستان تي ڪنٽرول ناهي، هڪ گروپ جي زباني يقينن تي ڪيترو اعتبار ڪري سگهون. بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته جڏهن معاهدو ويجهو هوندو ته ڪابل سان رابطي کانپوءِ تعطل پيدا ٿي ويندو. پهرئين ڏينهن ئي محسوس ٿيو ته ڪابل حڪومت کي ڳالهين جو اختيار نه آهي. هن چيو ته جڏهن کان افغان طالبان اقتدار ۾ آيا آهن اسان جا ٻار شهيد ٿي رهيا آهن، ڪنهن کي شڪ نه ڪرڻ گهرجي، هنن ڀارت جي پراڪسي وار شروع ڪئي آهي. خواجه آصف اهو به چيو ته ڀارت هاڻي ڪابل ذريعي جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته 5-6 ڀيرا معاهدو ٿيو، جڏهن ڪابل هنن سان فون تي رابطو ڪيو ۽ پوءِ اچي بيزاري جو اظهار ڪيو، افغان مذاکراتي وفد سان همدردي آهي، وفد تمام گهڻي محنت ڪئي. بچاءَ واري وزير چيو ته ڪابل ۾ ويهڻ ۽ تار ڪڍڻ وارن جي پتلي تماشي کي احتياط سان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. اسان گذريل هڪ هفتي کان افغان طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. اسان انتهائي شفاف ڳالهيون ڪيون، صوبائي مفادن تي هڪ به لفظ ڳالهائڻ نه ڏنو، پارليامينٽ ۽ لاڳاپيل ادارن کي اعتماد ۾ وٺنداسين. خواجا آصف چيو ته خيبرپختونخواهه جي چونڊيل حڪومت آهي، اسان انهن جو احترام ڪريون ٿا، ڪو سمجهي ته تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ڪيون ته ائين نه ٿيندو. هن چيو ته ماضي ۾ جن طالبان جي حمايت ڪئي انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اهي دنيا ۾ هجن يا نه هجن، انهن کي سزا ملڻ گهرجي. بچاءَ واري وزير چيو ته اها خوش قسمتي هوندي جيڪڏهن فلسطين جي عوام جي حفاظت لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن…… ياد رهي ته استنبول ۾ جاري پاڪ-افغان ڳالهيون اڃا تائين طالبان جي موقف ۾ بار بار تبديلين جي ڪري دير جو شڪار آهن ۽ معاهدي تي صحيحون ٿيندي ٿيندي رهجي ويون آهن. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ۽ افغان طالبان وفدن جي وچ ۾ ڳالهيون ٽئين ڏينهن 18 ڪلاڪن تائين جاري رهيون، ۽ ڳالهيون هاڻي آخري دور ڏانهن وڌي رهيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان وفد خارجين ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروائي جي پاڪستان جي مطالبي سان متفق ٿيو، جڏهن ته ميزبانن جي موجودگي ۾ به افغان طالبان وفد مرڪزي مسئلي کي تسليم ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته هر ڀيري ڪابل کان مليل هدايتن جي ڪري افغان طالبان وفد جو موقف تبديل ٿيندو رهيو، ۽ ڪابل کان مليل غير منطقي ۽ غير قانوني صلاحون ڳالهين جي ناڪامي جون ذميوار آهن، ذريعن موجب، پاڪستان ۽ ميزبان اڃا تائين سنجيدگي سان انهن پيچيده مسئلن کي حل ڪرڻ چاهين ٿا، ۽ منطق ۽ ڳالهين ذريعي هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي آخري ڪوشش جاري آهي. ذريعن موجب قطر ۽ ترڪيه جا نمائندا به حيران آهن ته 3 ڀيرا لاءِ معاهدي ۾ تبديلي بعد اتفاق ڪرڻ بعد به عين وقت تي طالبان معاهدي تي صحيهون نه ڪيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته قنڌار، ڪابل ۽ کوست مان ڌار ڌار وفد کي هدايتون ملن ٿيون، ڪنهن مهل سندن ٻاهر ويٺل نمائندو لکت ۾ چٺي ٿو ڏي ته ڪنهن مهل هو ڪابل ۽ قنڌار فون ٿا ڪن. ڳالهين دورن ڏند چڪ به ٿيا. طالبان جي وفد فضائي حدن جي خلاف ورزي جو معاملو اٿاريو جنهن تي پاڪستان چيو ته اوهان پاڪستان مخالف گروپن خلاف ڪاروائي ڪريو ته اسين فضائي خلاف ورزي نه ڪنداسين. پاڪستان مخالف گروپن خلاف ڪاروائي جي تصديق واري طريقي تي به طالبان کي اعتراض آهي. ڪنهن مهل هو چون ٿا ته آمريڪا کي به ثالث بڻايو ۽ هو ڪابل تان پابندي ختم ڪري امداد بحال ڪن. پاڪستاني وفد کين چيو ته هن موقعي تي آمريڪي ثالثي جو جواز نا مناسب آهي ۽ امداد کي سيڪورٽي معاملن سان نه گڏايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته انڊين لابي ڪابل ۾ پاڪستان مخالف طالبان گروپ تي حاوي آهي. هنن ڳالهين ۾ جنهن نموني طلابان وفد کي هدايتون ملن پيون انهن مان اها ڳالهه واضح آهي ته طالبان ۾ گروپنگ موجود آهي.










