ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي فخر آهي جو اها ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ڪراچي جي ميزبان آهي، جيڪو پاڪستان جو مثبت ۽ پرامن چهرو دنيا آڏو پيش ڪرڻ لاءِ هڪ مؤثر پليٽ فارم ثابت ٿيندو۔ هن چيو ته 141 کان وڌيڪ ملڪن جي فنڪارن جي شرڪت سان “ثقافت ذريعي سفارتڪاري” کي هٿي ملندي ۽ پاڪستان جي ثقافتي سڃاڻپ عالمي سطح تي وڌيڪ مضبوط ٿيندي۔ هن چيو ته هي فيسٽيول سنڌ جي ورثي، مهمان نوازي ۽ ثقافتي تنوع کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ بين الاقوامي ثقافتي هم آهنگي ۽ سياحت جي واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ڪراچي جي انتظامن بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو۔ اجلاس ۾ گھرو کاتي جي سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، سيڪريٽري ثقافت، ايم سي ڪي ايم سي، ايم ڊي سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، رينجرز جا نمائندا ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا۔ اجلاس ۾ فيسٽيول جي سيڪيورٽي، ٽريفڪ مينيجمينٽ، صفائي، بجلي ۽ ٻين انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ چيف سيڪريٽري سنڌ سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته شهرين ۽ بين الاقوامي مهمانن لاءِ بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن۔ صدر آرٽس ڪائونسل ڪراچي محمد احمد شاهه ٻڌايو ته ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ڪراچي 30 آڪٽوبر کان 7 ڊسمبر تائين منعقد ٿيندو، جنهن ۾ 141 ملڪن جا 1000 کان وڌيڪ فنڪار ۽ اداڪار پرفارم ڪندا۔ هن ٻڌايو ته آمريڪا، يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جي مختلف ملڪن جا فنڪار پنهنجي ثقافت، موسيقي، رقص ۽ روايتن جو مظاهرو ڪندا۔ هن سنڌ حڪومت جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته جيئن گذريل سال، اهڙيءَ طرح هن سال به حڪومتِ سنڌ جو تعاون فيسٽيول جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔ چيف سيڪريٽري سنڌ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته فيسٽيول دوران سيڪيورٽي جا سخت ۽ فول پروف انتظام ڪيا وڃن، جڏهن ته ڪي ايم سي کي شهر جي رستن جي مرمت، صفائي ۽ خوبصورتي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي۔ هن ڪي اليڪٽرڪ کي آرٽس ڪائونسل ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو۔ وڌيڪ، صحت کاتي، فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو 1122 کي به فيسٽيول دوران هر وقت الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي۔ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ٽريفڪ مينيجمينٽ بابت هدايت ڪندي چيو ته فيسٽيول دوران شهرين کي ٽريفڪ مسئلن کان بچائڻ لاءِ متبادل رستن جي اڳواٽ منصوبا بندي ڪئي وڃي ۽ شرڪت ڪندڙن جي اچ وڃ لاءِ خاص پارڪنگ ايريا جو انتظام ڪيو وڃي۔ هن چيو ته ٽريفڪ پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ آرٽس ڪائونسل وچ ۾ ويجهو رابطو رکيو وڃي ته جيئن ڪنهن به ممڪن هجوم يا رڪاوٽ جي صورت ۾ فوري قدم کنيا وڃن۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انتظامن جي نگراني ۽ مؤثر رابطي لاءِ ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي سربراهي ۾ خاص ڪميٽيون جوڙيون وينديون۔ چيف سيڪريٽري سنڌ ٻڌايو ته ڪراچي ايئرپورٽ تي ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جو خاص ڊيسڪ قائم ڪيو ويندو ته جيئن دنيا ڀر کان ايندڙ مهمانن جو پر تپاق آڌرڀاءُ ڪيو وڃي۔ هن چيو ته ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ڪراچي نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، ڇو ته اهو ايونٽ امن، رواداري ۽ ثقافتي هم آهنگي جي واڌ جو پيغام سڄي دنيا تائين پهچائيندو۔ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه عزم ظاهر ڪيو ته سنڌ حڪومت ثقافت، سياحت ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي واڌ لاءِ سفارتڪاري جا نوان در کولي، هر ممڪن قدم کڻندي۔










