اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس جي ايس پي مبينا طور تي پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪئي، پوليس ذريعن موجب، ايس پي عديل اڪبر بندوق بردار کان بندوق کسي ۽ پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي،پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس پي عديل اڪبر کي زخمي حالت ۾ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو بچي نه سگهيو، عديل اڪبر اسلام آباد پوليس ۾ ايس پي انڊسٽريل ايريا طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو، هن واقعي کان ڪجهه وقت اڳ، هو حاجي ڪئمپ ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو هو،اسلام آباد پوليس پاران ايڪس تي هڪ پوسٽ ڪئي وئي هئي ۽ سندس تصويرون پڻ جاري ڪيون ويون هيون،پوسٽ موجب، ايس پي عديل اڪبر حاجي ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ ڊيوٽي تي موجود آفيسرن سان ملاقات ڪئي، سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ ڊيوٽي تي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون.










