ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو آغاز سٺو ٿيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئين مالي سال جي پهرين ڏينهن ۽ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن سومر تي مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، جڏهن ته مسلسل ستين ڏينهن مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جو آغاز سٺو ٿيو آهي.100 انڊيڪس سومر تي شروعاتي واپار ۾ 1187 پوائنٽ حاصل ڪيو، انڊيڪس 133,137 جي نئين بلندي تي وٺي ويو.










