اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايل پي جي في ڪلوگرام جي قيمت ۾ 7.43 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سان گهريلو ايل پي جي سلنڈر ۾ 87.71 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. 11.8 ڪلوگرام گهريلو ايل پي جي سلنڈر جي نئين قيمت 2,750.60 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.اوگرا ايل پي جي جي قيمتن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.










