نيويارڪ )ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن توهان مودي کي ڏسو ته هو نيتن ياهو جي ڪاپي لڳي ٿو، خطي ۾ امن جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ مودي ۽ نيتن ياهو جون پاليسيون آهن. نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل جي ڪاررواين ۾ هڪجهڙائي آهي، مودي ۽ نيتن ياهو انتها پسند آهن جيڪي نفرت کي فروغ ڏين ٿا، ڀارت اسرائيل وانگر بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پاڪستان امن چاهي ٿو ۽ ڳالهين لاءِ تيار آهي، ڀارتي عوام به پاڪستان سان امن چاهي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ذميواري جو تقاضا آهي ته ڀارت مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين تي اچي، ڀارت سرحدي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، ڀارت بغير جاچ ۽ ثبوتن جي ڦلگام واقعي جو الزام لڳايو، اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڳري قيمت ادا ڪئي آهي، پاڪستان دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، منهنجي ماءُ محترمه بينظير ڀٽو کي به دهشتگردن شهيد ڪيو هو.
دهشتگردي کي سياسي هٿيار طور استعمال نه ڪيو وڃي: بلاول ڀٽو
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڀارت کي پهلگام واقعي جي جاچ جي آڇ ڪئي، دهشتگردي کي سياسي هٿيار طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي، ٻه ايٽمي طاقتون جنگ جي ڪناري تي هيون، اسان ڏٺو آهي ته تازي ڇڪتاڻ ڪيتري تيزي سان وڌي وئي، مان دنيا کان پڇڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن جي لائف لائن ڪٽي وڃي ته ان جو ردعمل ڇا هوندو؟ صورتحال خراب ٿيڻ کان اڳ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پي پي پي چيئرمين چيو ته جڏهن ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته ان اسرائيلي ڊرون به استعمال ڪيا. خطي ۾ ڇڪتاڻ جو مکيه سبب حل نه ٿيل ڪشمير مسئلو آهي. ڀارتي ڪارروايون خطي جي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي ويون آهن. حملي ۾ ڀارت مسجدن کي نشانو بڻايو. اسان وٽ ڀارت خلاف شڪايتن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. ڀارت هاڻي خطي ۾ هڪ نئون اصول لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڀارت بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي. ڪشمير جي تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي. ڳالهيون ئي واحد رستو آهن. ڀارت مسلسل پاڪستان مخالف بيان ڏئي رهيو آهي.
مودي پهريان گجرات جو قصائي هو، هاڻي ڪشمير جو قصائي بڻجي ويو آهي: بلاول
هن چيو ته مودي پهريان گجرات جو قصائي بڻيو ۽ هاڻي هو ڪشمير جو قصائي بڻجي ويو آهي. مودي هاڻي پاڻي روڪي سنڌو ماٿري جي تهذيب جو قصائي بڻجڻ چاهي ٿو. اسان پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اسان هندستان سان امن چاهيون ٿا پر شرطن تي نه. هندستان پاران پاڻي روڪڻ بين الاقوامي معاهدن جي واضح خلاف ورزي آهي. جيڪڏهن پاڪستان جو پاڻي روڪيو وڃي ته اسان ڪيئن خاموش ويهنداسين؟ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته اسان 20 هندستاني جهاز ڪيرائي سگهياسين، پر اسان 6 ڪيرائي ڇڏيا. ڇڪتاڻ دوران ۽ بعد ۾، هندستان غلط معلومات ۽ جعلي خبرون پکيڙيون. هندستاني حڪومت مسلمانن جي سڃاڻپ کي خراب ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ دهشتگردي کي استعمال ڪري ٿي. بلاول وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا آمريڪا ۽ چين سان اقتصادي تعاون جا معاهدا آهن ۽ صدر ٽرمپ هاڻي پاڪستان سان جامع واپاري معاهدا چاهي ٿو.










