اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت ايندڙ 16 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت پيٽرول جون قيمتون برقرار رکيون آهن جڏهن ته ڊيزل ۽ گاسليٽ سستو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت موجب، پيٽرول جي قيمت 252.63 رپيا في ليٽر تي برقرار آهي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت، 2 رپيا في ليٽر سستي ٿيڻ کان پوءِ، 254.64 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه، گاسليٽ ۾ 5.4 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 164.65 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ به 4.68 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ لائيٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 150.65 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ياد رهي. ياد هي ته گذريل ٻن مهينن ۾ هي ٽيون ڀيرو آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي باوجود حڪومت ان جو فائدو عوام کي ناهي ڏنو ۽ لڳاتار قيمتون برقرار رکڻ جا ئي فيصلا ڪيا آهن. حڪومت هلندڙ مالي سال ۾ ٽيڪس جو خسارو 34 ارب روپيا پورو ۾ ڪرڻ لاءِ ليوي جي شرح وڌائي ۽ عوام کي فائدو ناهي ڏنو ويو. حڪومت آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.










