اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ، ايڪنڪ 355 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جا 9 ترقياتي منصوبا منظور ڪيا.جاري پڌرائي موجب منصوبا ٽرانسپورٽ، توانائي، تعليم، پاڻي، واپار، سياحت ۽ قدرتي آفتن کان پوءِ بحالي جي شعبن ۾ آهن.اجلاس ۾ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي به اصولي طور تي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ منگي ڊيم پراجيڪٽ ۽ پاڻي جي ورڇ واري نظام جي پراجيڪٽ کي به منظوري ڏني وئي. اعلان ۾ چيو ويو ته خيبر پختونخواه ۾ ڳوٺاڻي رابطي جي روڊن جي بهتري، سياحت، ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر انفراسٽرڪچر جي بحالي، ۽ تعليم سان لاڳاپيل منصوبا منظور ڪيا ويا.اجلاس ۾ 100 ڊيزل-اليڪٽرڪ لوڪوموٽوز جي مرمت، ۽ اسلام آباد ۽ برهان ۾ ٽرانسميشن سسٽم کي مضبوط ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.اعلان موجب، ايڪنڪ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم پراجيڪٽ جي ترقي جي منظوري ڏني، ۽ ايف بي آر ڪسٽم ڊجيٽل انفورسمينٽ اسٽيشنن جي قيام جي به منظوري ڏني وئي.










