ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ملير، مورو ۽ ڪنڌڪوٽ سميت سموري سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف وڪيلن جي ڌرڻن مٿان پوليس جي فائرنگ، ڀڃ ڊاهه ۽ تشدد جي سخت مذمت ڪندي ان کي پ پ حڪومت جي وائڙائپ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته پوليس هٿان وڪيلن جي ڌرڻن مٿان تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه مان اها ڳالهه پٽ پڌري آهي ته پ پ سنڌوءُ تي ڪئنال ٺاهيندڙن سان ٻُٽ ۽ سهولڪتار بڻيل آهي. پ پ جو ٻٽو ۽ منافقاڻو ڪردار هاڻي سنڌ جي عوام آڏو نروار ٿي چڪو آهي، قباءَ آڊيٽوريم ۾ سنڌ جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌوءُ اسانجو ساهه آهي سنڌ جو عوام ڪوبه ڊئم ۽ ڪئنال قبول ڪونه ڪندو. جماعت اسلامي وڪلاءَ برادري سان گڏ آهي. هن گهر ڪئي ته عدالت وڪيلن جي پُرامن احتجاج تي پوليس گردي جو نوٽيس وٺي.










