اسرائيل جي بمباري جاري، 6 ڀائرن سميت وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد

اسرائيل جي بمباري جاري، 6 ڀائرن سميت وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد

غزه: (ويب ڊيسڪ) غزه ۾ اسرائيل جي بمباري جو سلسلو جاري آهي، تازن حملن ۾ 6 سڳن ڀائرن سميت وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب آچر تي غزه جي علائقي ديرالبلح ۾ پيٽ بکايل فلسطينين کي خوراڪ ورهائڻ ۾ مصروف 6 سڳا ڀائر جن جون عمرون 10 کان 34 سالن جي وچ ۾ هيون اهي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويا.شهيد پٽن جي والد ابومهدي جو چوڻ آهي ته سندس پٽ جنگ جي شروعات کان ئي ضرورتمندن جي مدد ڪري رهيا هئا ۽ انهن وٽ ڪوبه هٿيار نه هو.انهي کان علاوه عالمي صحت واري اداري جو چوڻ آهي ته هڪ فلسطيني ٻار طبي امداد جي فراهمي ۾ رنڊڪ سبب حياتي وڃائي ويٺو. عرب ميڊيا موجب آچر جي ڏينهن غزه جي پٽي جي مختلف علائقن ۾ ٿيل اسرائيلي بمباري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا.غزه جي صحت واري وزارت موجب اسرائيل جي جنگ ۾ هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار 944 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. جڏهن ته حڪومت جي ميڊيا آفيس شهادتن جو تازو انگ 61 هزار 700 کان وڌيڪ ٻڌايو آهي ڇو ته هزارين ماڻهن هن وقت به ملبي هيٺيان دٻيل آهن انهن کي مئل تصور ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو