ايندڙ مهيني کان مهانگائي وڌي ويندي: گورنر اسٽيٽ بئنڪ

ايندڙ مهيني کان مهانگائي وڌي ويندي: گورنر اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهيني کان مهانگائي وڌي ويندي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻاهرين ادائيگيون 26 ارب ڊالر آهن، جن مان 16 ارب ڊالر رول اوور يا ري فنانس هوندا.جميل احمد جو چوڻ آهي ته بقايا 10 ارب ڊالر مان 8 ارب ڊالر ادا ڪيا ويا آهن.اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته مالي سال 2025 جي آخر تائين جي ڊي پي جي واڌ 2.5 کان 3.5 سيڪڙو تائين رهندي.هو اهو به چوي ٿو ته جيڪڏهن زرعي ترقي بهتر ٿيندي رهي ته معاشي ترقي 4.2 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو