اسان سان بدترين سلوڪ ڪندڙ چين ٽيرف کان نه بچندو: ٽرمپ

اسان سان بدترين سلوڪ ڪندڙ چين ٽيرف کان نه بچندو: ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ڪو به ملڪ غير منصفانه واپاري توازن جي ڪري ٽيرف کان بچي نه سگهندو،هڪ بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ٽيرف مامري تي چين کي نه بخشيندس، جيڪو اسان سان بدترين سلوڪ ڪري ٿو ۽ ايران بابت فيصلو جلد ڪيو ويندو،ٽرمپ چيو ته هو جلد ئي موبائل فونن تي محصولن جو اعلان ڪندو، پر ڪجهه لچڪ هوندي.آمريڪي صدر چيو ته ڪجهه ڪمپنين لاءِ سيمي ڪنڊڪٽر ٽيرف تي لچڪ هوندي، پر اهو اڃا تائين واضح ناهي. جڏهن ته، سيمي ڪنڊڪٽرز تي ٽيرف جي شرح جو اعلان ايندڙ هفتي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو