واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جوابي ٽيرف کان اسمارٽ فون، ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ درآمدات کي مستثنيٰ قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر سمارٽ فون، ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ درآمدات کي جوابي ٽيرف کان مستثنيٰ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ان حوالي سان وائيٽ هائوس چيو آهي ته ٽرمپ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته حساس ٽيڪنالاجي جي پيداوار لاءِ چين تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي آمريڪا چيني سيمي ڪنڊڪٽرز، چپس، اسمارٽ فونز ۽ ليپ ٽاپ تي ڀروسو ڪري سگهي ٿو.وائيٽ هائوس پنهنجي اميد جو اظهار ڪيو آهي ته وڏيون آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپنيون جلد کان جلد پنهنجي ٽريلين ڊالر جي سيڙپڪاري آمريڪا واپس آڻينديون.










