لنڊن (ويب ڊيسڪ)نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي جي تنظيم، ملالا فنڊ، پاڪستاني حڪومت تي زور ڏنو ته افغان ڇوڪرين ۽ عورتن کي ملڪ بدر ڪرڻ بند ڪيو وڃي. فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ بيان ۾، ملالا فنڊ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته افغان پناهگيرن ۽ پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي کان رهندڙ افغان شهرين جي ملڪ بدري کي فوري طور تي روڪيو وڃي. پنهنجي بيان ۾، تنظيم چيو ته حڪومت انهن افغان ڇوڪرين ۽ عورتن کي به ملڪ بدر ڪري رهي آهي جيڪي افغانستان ۾ طالبان جي ظلمن کي منهن ڏئي رهيون آهن. تنظيم چيو ته افغان شهرين کي ملڪ بدر ڪرڻ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي ۽ ان سان معصوم شهرين جي زندگين کي به خطرو ٿيندو. ملاله فنڊ عالمي برادري، مختلف حڪومتن، فائونڊيشن، سول سوسائٽي ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي بي گھر افغان شهرين جي مدد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.










