پاڪستان جي ترقي سنڌ سان جڙيل آهي، وزيراعظم

پاڪستان جي ترقي سنڌ سان جڙيل آهي، وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف چيو آهي ته سنڌ جي عوام جي ڀلائي ۽ بهبود سرڪاري ترجيحن جو حصو آهي ۽ سنڌ جي ترقي سان ئي پاڪستان جي ترقي جڙيل آهي. وزيراعظم شهباز شريف گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سنڌ جي عوام جي فلاح و بهبود سرڪاري ترجيحن جو حصو آهي ۽ سنڌ جي ترقي سان ئي پاڪستان جي ترقي جڙيل آهي. ٻئي طرف، وزيراعظم گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي سان به رابطو ڪيو، ڳالهه ٻولهه دوران فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخوا جو عوام وفاق سان گڏجي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهن. ان کان علاوه، وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان، چوڌري شجاعت، چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني، اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق، وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، خالد مگسي، ۽ چوڌري سالڪ سميت مختلف شخصيتن کي به ٽيليفون تي عيد جي مبارڪباد ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو