40 هزار اسٽورن کي وڪري جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت

40 هزار اسٽورن کي وڪري جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ جي 40 هزار ميگا ريٽيل اسٽورن کي 24 ڪلاڪن اندر ايف بي آر سسٽم سان ڳنڍڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي،فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سيلز ٽيڪس جي ضابطن ۾ ترميمون متعارف ڪرايون آهن، جنهن جي تحت ميگا ريٽيل اسٽورن لاءِ ايف بي آر کي سيلز جي معلومات فراهم ڪرڻ پڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ايف بي آر موجب، وڏن اسٽورن جي سيلز ڊيٽا ايف بي آر کي 24 ڪلاڪن اندر ملي وڃڻ گهرجي، جيڪڏهن صحيح ڊيٽا وقت تي نه ملي ته مٿي ذڪر ڪيل پرچون فروشن کي سيل ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪمشنر آف ان لينڊ روينيو کي اسٽورن کي ڊي سيل ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي،ايف بي آر چيو آهي ته جرمانو ادا ڪرڻ جي 24 ڪلاڪن اندر اسٽور کي ڊي سيل ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويندا، جڏهن ته اسٽور سافٽ ويئر سان لاڳاپيل سڀني خامين کي درست ڪرڻ جو پابند هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو