اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ(آءِ ايم ايف) کان نئون پروگرام وٺڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.ناڻي واري وزارت موجب آءِ ايم ايف پاڪستان سان موسمياتي لچڪ فنڊ جي تحت 26هين پروگرام لاءِ ڳالهيون ڪندو. ڳالهين جي لاءِ آءِ ايم ايف جو نئون وفد 24 فيبروري تي پاڪستان پهچندو.پاڪستان کي ڳالهين ۾ ڪاميابي تي موسمياتي تبديلي بابت فنڊ مان هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ حاصل ٿيندو. آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان ۾ هڪ هفتو قيام ڪندو، پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف جو اهو پهريون موسمياتي پروگرام هوندو.ذريعن موجب انهي کان اڳ بنگلاديش به انهي فنڊ مان فائدو حاصل ڪري چڪو آهي، پاڪستان جي جاري اي ايف ايف پروگرام جي لاءِ آءِ ايم ايف جو ڌار مشن ايندو. آءِ ايم ايف جو ٻيو وفد 4 مارچ تي پاڪستان ايندو. اي ايف ايف پروگرام تي ڳالهيون 4 کان 14 مارچ تائين جاري رهڻ جي اميد آهي.










