آءِ ايم ايف مشن عدليه جي آزادي سميت ٻيا جائزا وٺڻ ۾ مصروف

آءِ ايم ايف مشن عدليه جي آزادي سميت ٻيا جائزا وٺڻ ۾ مصروف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) مختلف معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجو مشن پاڪستان موڪليو آهي.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف مشن پنهنجو ڪم خميس 6 فيبروري تي شروع ڪيو ۽ 14 فيبروري تائين جاري رهندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن ججن جي مقرري ۽ عدليه جي آزادي جو جائزو وٺڻ ۾ مصروف آهي. مشن بينڪنگ ۽ مني لانڊرنگ جو به جائزو وٺي رهيو آهي. آءِ ايم ايف به مشن گورننس جي معاملن جو جائزو وٺندو.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف مشن 19 وزارتن، کاتن ۽ ادارن جي نمائندن سان ملاقات ڪندو، جن ۾ جوڊيشل ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان شامل آهن. مشن جو ڌيان قانون جي حڪمراني، ڪرپشن جي خاتمي ۽ مالي نگراني کي مضبوط ڪرڻ آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو مشن گذريل سال سيپٽمبر ۾ رٿيو ويو هو، آءِ ايم ايف مشن ايندڙ هفتي جڊيشل ڪميشن سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ججن جي مقرري جي طريقيڪار تي غور ڪيو ويندو، مشن سپريم ڪورٽ ۾ به ملاقات ڪندو جنهن ۾ عدليه جي آزادي جو جائزو ورتو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن پنهنجي جائزي کي آخري شڪل ڏيندو ۽ رپورٽ جولاءِ تائين شايع ڪئي ويندي. 7 ارب ڊالر جي معاهدي تحت، پاڪستان مڪمل گورننس رپورٽ شايع ڪرڻ جو پابند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو