پنجاب ۾ ڪرشنگ سيزن جي باوجود کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ

پنجاب ۾ ڪرشنگ سيزن جي باوجود کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ)ڪرشنگ سيزن جي باوجود لاهور ۾ کنڊ جي قيمت مسلسل وڌي رهي آهي.ذريعن موجب، ڪجهه ڏينهن ۾ شهر ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 18 رپيا في ڪلوگرام واڌ ٿي آهي.ڊيلرز ايسوسيئيشن جي ذريعن موجب، کنڊ جو ايڪس مل ريٽ 140 کان 143 تائين آهي. ڊسمبر ۾، کنڊ جو ايڪس مل ريٽ 125 رپيا هو. فيبروري لاءِ فيوچر ٽريڊ 145 رپيا مقرر ڪيو ويو هو.صارفين جو چوڻ آهي ته ننڍين دڪانن ۾ کنڊ 150 رپيا في ڪلوگرام وڪرو ٿي رهي آهي.ٻئي طرف ڊيلرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ شيخ عاصم چيو ته کنڊ برآمد ڪري مصنوعي قلت ۽ قيمتن ۾ اضافو پيدا ڪيو پيو وڃي، کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏيڻ نااهلي ۽ سازش هئي.شيخ عاصم جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مافيا کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته رمضان ۾ کنڊ جي قيمت ۾ وڌيڪ واڌ جو خطرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو