اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ پڇاڻو ڪيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) سانحي ۾ جوابدارن جي ڳٺجوڙ ثابت ٿيڻ باوجود سندن ڪيس فوجي عدالت ۾ ڇو نه هلايو ويو ۽ هاڻي ان لاءِ آئيني ترميم ڇو ڪئي وئي؟. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي اربع تي به ٻڌڻي ڪئي. دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل جاري رکندي چيو ته عدالتي فيصلن ۾ فوجي عدالتن کي تسليم ڪيو ويو آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته آرمي ايڪٽ هيٺ جيڪڏهن ڏوهه ۾ ڳٺ جوڙ هجي ته ڪيس فوجي عدالت م هلي سگهي ٿو. ڳٺ جوڙ جو ڇا مطلب آهي؟ ڇا ڳٺ جوڙ سان ڏوهه ڪندڙ جي نيت به ڏٺي ويندي؟ جوابدار اهو به ته چئي سگهي ٿو ته هن جي نيت ڏوهه ڪرڻ جي نه هئي ۽ ا جو تعين ته ٽرائل دوران ئي ڪري سگهجي ٿو. خواجا حارث چيو ته 9 مئي حملن جا جوابدار ’ٽو ون ڊي ون‘ جي دائري ۾ اچن ٿا، سندن ٽرائل فوجي عدالت ۾ ئي ٿيندو. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ٿيو، دهشتگردن جو فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پئي. خواجا حارث چيو ته فوجي عدالت ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو، آئيني ترميم جو مقصد ڪجهه ٻيو هو. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ڪنهن جو ڳٺ جوڙ هو؟ خواجا حارث جواب ڏيندي چيو ته اي پي ايس حملي وقت ڳڄ جوڙ موجود هو. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ هجڻ باوجود فوجي عدالت ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ آئين ۾ ترميم ڇو ڪئي وئي؟ خواجا حارث چيو ته ترميم ۾ نظم و ضبط ۽ فرضن جي ڪارڪردگي کانسواءِ ڪيترائي ڏوهن کي شامل ڪيو ويو آهي. بعد ۾ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي، بچاءَ واري وزارت جو وڪيل خواجا حارث سڀاڻي به دليل جاري رکندو.










