واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا، مصر ۽ قطر جي ثالثي ۾ غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڪوششون جاري آهن.آمريڪي چونڊيل صدر ٽرمپ جي وچ اوڀر لاءِ خاص نمائندي، اسٽيووتڪوف، اسرائيل جو دورو ڪيو.اسٽيو وٽڪوف اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ غزه جنگ بندي جي معاهدي تي پهچڻ تي بحث ڪيو.نيتن ياهو جي آفيس جو چوڻ آهي ته ڳالهين کان پوءِ، نيتن ياهو هڪ اعليٰ سطحي ڳالهين ڪندڙ وفد دوحا ڏانهن موڪليو.وفد ۾ اسرائيلي ڳجهي اداري موساد جو سربراهه پڻ شامل آهي.










