نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي 78 ساالن جي عمر واري چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي عدالت بليو فلمن جي ادا ڪارا کي خاموش رهڻ لاءِ ڏنل رقم جو ڏوهه ثابت ٿيڻ جو حڪم ٻڌائيندي عدالت کيس غير مشروط طور آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. عدالتي حڪم موجب صدر ٽرمپ نه جيل ويندو ۽ نه مٿس ڏنڊ پوندو پر سندس رڪارڊ تي ڏوهه برقرار رهندو. نيويارڪ جي ڪرمنل ڪورٽ جي جج، گذريل سال 6 هفتن جي ٽرائل بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. جسٽس جوآن مرچن چيو ته ٽرمپ کي جيل نه وڃڻو پوندو ۽ 10 هزار ڊالر جو ڏنڊ به نه ڀريندو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٻڌڻي دوران ڊونلڊ ٽرمپ ججن ۽ عدالت جو احترام نه ڪيو هو ۽ سوشل ميڊيا تي مٿن کلي تنقيد ڪئي هئي. عدالت ٽرمپ کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪندي اهو به حڪم ڏنو ته پورن استار کي خاموش رهڻ لاءِ هن تي رقم ادا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت آهي ۽ هو رڪارد تي ڏوهي رهندو. عدالتي فيصلي کانپوءِ ٽرمپ آمريڪي تاريخ ۾ پهريون صدر هوندو جيڪو ڪرمنل رڪارڊ سان 20 جنوري تي عهدو سنڀاليندو. ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ فرد جرم عائد ڪرڻ وقت مٿس 34 ڀيرا ڪوڙ ڳالهائڻ جو الزام لڳايو ويو هو. مٿس فراڊ، ڪوڙ ڳلهائڻ ۽ جنسي ڏوهه جا به الزام هئا. هن صحت جرم جو انڪار ڪندي چيو هو ته هو بي ڏوهي آهي ۽ هن ڪجهه به غلط ناهي ڪيو. ٽرمپ تي ڳجها دستاويز رکڻ جو به الزام هو پر گذريل سال نومبر ۾ صدر چونڊجڻ بعد جسٽس ڊپارٽمينٽ اهو واپس ورتو هو.










