واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن کي اڱاري ڏينهن اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب 78 ورهين جي بل ڪلنٽن جو واشنگٽن جي اسپتال ۾ ٿڌ ۽ فلو سبب علاج ڪرايو ويو.ميڊيا رپورٽن موجب اڳوڻي صدر کي بخار ٿيڻ کانپوءِ ٽيسٽ ۽ علاج لاءِ سومر جي شام واشنگٽن ڊي سي جي جارج ٽائون يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو هو.هو اڳ ۾ ڪيليفورنيا ۾ 2021 ۾ رت جي پيدا ٿيندڙ انفيڪشن سبب 6 ڏينهن تائين اسپتال ۾ داخل هو.بل ڪلنٽن آمريڪا جو 42 هون صدر هو، هو 1993ع کان 2001ع تائين صدر جي عهدي تي رهيو.










