ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت طرفان ڏنل 19 رنسن جو هدف 10 وڪيٽن جي نقصان تي آسانيءَ سان حاصل ڪري ورتو.آسٽريليا طرفان ناٿن ميڪسويني 10 ۽ عثمان خواجه 9 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، مهمان ٽيم پهرين اننگز ۾ 180 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.ڀارت طرفان نتن ڪمار ريڊي 42 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز 57 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته اسڪاٽ بولنڊ 3 ۽ مچل اسٽارڪ 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 337 رنسون ٺاهيون ۽ ڀارت تي 157 رنسن جي برتري حاصل ڪئي.ٻي اننگز ۾ به ڀارتي بيٽسمين وڏو اسڪور نه ٺاهي سگهيا ۽ پوري ٽيم 175 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.واضح رهي ته 5 ميچن جي سيريز هاڻي هڪ هڪ کان برابر ٿي وئي آهي، ڀارت پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏني هئي.










