پاڪستان جي زمبابوي کي 10 وڪيٽن تان شڪست، سيريز به کٽي ورتي

پاڪستان جي زمبابوي کي 10 وڪيٽن تان شڪست، سيريز به کٽي ورتي

بلاوايو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميزبان زمبابوي کي ٽن ميچز جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ابتدائي ٻنهي ميچز ۾ شڪست ڏئي ون ڊي سيريز جيان ٽي ٽوئنڙي سيريز به کٽي ورتي آهي. ٻئي ميچ ۾ پاڪستان 10 وڪيٽن تان زمبابوي کي شڪست ڏئي ڇڏي، پاڪستاني اوپنرز پاور پلي ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ميچ کٽي ورتي. گهربل 58 رنسون 5،3 اوورز ۾ ٺاهي ورتيون. عمير يوسف هڪ ڇڪي ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 15 بالن تي 22 رنسون ٺاهي ناٽ آئوت رهيو ۽ صائم ايوب هڪ ڇڪي ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 18 بالن تي 36 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ زمبابوي ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو سندن لاءِ فائديمند ٿابت نه ٿيو. پوري ٽيم 57 رنسون ٺاهي 12.3 اوورن ۾ آئوٽ ٿي وئي. صفيان مقيم تباه ڪن بالنگ ڪندي 2.4 اوورن ۾ 3 رنز ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون. جيتوڻيڪ اوپنرز ابتدائي 4 اوورن ۾ تمام سٺو اسٽارٽ ورتو پر پنجين اوور ۾ عباس آفريدي اوپنر مروماني کي طيب هٿان ڪيچ ڪرائي ڇڏيو. وڏي اعتماد سان رورس شاٽ کيڏندي هو 3 چوڪا هڻي 14 بالن تي 16 رنز ٺاهيون. جنهن بعد 6 هين اوور ۾ ٻيو اوپنر برائن بينيٽ هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 21 رنز ٺاهي هارث رئوف جي بال تي عرفان نيازي هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ميزبان ٽيم جا بيٽر هڪٻئي پٺيان پويلين موٽندا رهيا. ستين اوور ۾ ڪپتان سڪندر رضا کي عباس آفريدي بولڊ ڪيو، هن 3 رنز ٺاهيون، 46 جي مجموعي اسڪور تي ڊائن مائرز 11 بالن تي 3 رنز ٺاهي سلمان آغا جي بال تي ايل بي دبليو ٿيو. نائين اوور ۾ ريان برل هڪ رن ٺاهي صفيان مقيم جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، ساڳئي اوور ۾ صفيان تاشنگا موسيڪيوا کي بولڊ ڪري ٻن بالن تي 2 وڪيٽون ورتيون پر هيٽ ترڪ نه ڪري سگهيو. رچرڊ گريوا کي صفيان زيرو تي بولڊ ڪيو ۽ مزارباني کي ابرار زيرو تي ايل بي ڊبليو ڪيو. ويلنگٽن مساڪازا کي 3 رنسن تي صفيان ڪپتان سلمان هٿان ڪيچ ڪرايو، 16 بالن تي 9 رنز ٺاهيندڙ ڪلائيو مداندي کي صفيان سلمان آغا هٿان ڪيچ ڪرائي پنجين وڪيٽ ورتي ۽ زمباوبي جي پوري ٽيم 12.3 اوورن ۾ 57 رنز تي ڍير ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو