بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو پاڪستان ورلڊ چيمپيئن بڻجي ويو

بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو پاڪستان ورلڊ چيمپيئن بڻجي ويو

ملتان (ويب ڊيسڪ)پاڪستان چوٿين بلائنڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي عالمي چيمپيئن بڻجي ويو.پاڪستان جي شهر ملتان ۾ چوٿين بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو فائنل کيڏيو ويو، جنهن ۾ بنگلاديش مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنسون ٺاهي قومي ٽيم کي فتح لاءِ 140 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم 140 رنسن جو هدف بنا ڪنهن نقصان جي 10.2 اوورن ۾ حاصل ڪري چوٿين بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽي ورتو.بنگلاديش بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي طرفان عارف حسين 54 رنسون ٺاهيون، ايم ڊي سلمان 31 رنسون، عاشق الرحمان 22 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ٻيو ڪو به رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيو.پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم طرفان بابر علي 2، محمد سلمان ۽ مطيع الله هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.140 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ قومي ٽيم جي طرفان محمد صفدر ۽ نثار علي اننگز جي شروعات ڪئي ۽ بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان جي گهربل هدف 10.2 اوورن ۾ حاصل ڪري قومي ٽيم کي چيمپيئن بڻائي ڇڏيو.چوٿين بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ پاڪستان نيپال کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ٻئي سيمي فائنل ۾ بنگلاديش سريلنڪا کي 6 رنسن تان هارائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو