پهرين ڊسمبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان

پهرين ڊسمبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) موجوده 15 ڏينهن جي آخري 12 ڏينهن ۾ عالمي قيمتن ۾ معمولي واڌ کي نظر ۾ رکندي پهرين ڊسمبر 2024ع کان پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 87 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.جڏهن ته لاڳاپيل اختيارين کي اميد آهي ته عالمي مارڪيٽن ۾ اڄ يا سڀاڻي کان پي او ايل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو خدشو آهي، اسرائيل ۽ حزب الله طرفان جنگبندي سبب پي او ايل جون قيمتون برقرار رهنديون،برينٽ کروڊ فيوچر 2 سينٽ وڌي 72.83 ڊالر في بيرل تي رهيو، جڏهن ته يو ايس ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ کروڊ 5 سينٽ لاٿ سان 68.72 ڊالر في بيرل ۾ رهيو،موجوده 12 ڏينهن جي 15 ڏينهن جي ڪم جي حساب سان پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، ۽ اها قيمت موجوده قيمت 248.38 رپيا في ليٽر کان 251.38 رپيا في ليٽر جي نئين قيمت تي طئي ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو