اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي خلاف 19 ڪروڙ پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.اڄ اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جو قلم 342 جو بيان رڪارڊ ٿيڻو هو.










