عمر ايوب ۽ زرتاج گل جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

عمر ايوب ۽ زرتاج گل جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ)9 مئي تي گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمر ايوب ۽ زرتاج گل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران عمر ايوب، زرتاج گل ۽ احمد چٽا عدالت ۾ پيش نه ٿيا.عدالت ۾ ٽنهي جوابدارن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ روڊن جي بندش کي جواز ڄاڻايو ويو. عدالت پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر احمد چشتي جي درخواست منظور ڪندي عمر ايوب ۽ زرتاج گل کي پنهنجي وڪيل ذريعي درخواست داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جنهن بعد عمر ايوب ۽ زرتاج گل پنهنجي وڪيل ذريعي حاضري کان ڇوٽ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون، جن کي عدالت منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو