ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر سعديه جاويد چيو آهي ته هي ڪهڙو پرامن احتجاج آهي جنهن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ صحافين جي گاڏين تي حملا ڪيا پيا وڃن. سعديه جاويد اسلام آباد ۾ ڊيوٽي دوران شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ميڊيا تي حملن جي مذمت ڪئي. سعديه جاويد چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ هڪ صوبي جا وسيلا ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سياسي ماڻهو اهي آهن جيڪي اختلافن جو احترام ڪن ۽ آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪن. سندس چوڻ هو ته اقتدار جي بک يتيم ڪٺ پتلين کي امن ۽ جمهوريت جو دشمن بڻائي ڇڏيو آهي.










