واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پي ٽي آءِ جي مظاهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پرامن احتجاج ڪن ۽ تشدد کان پاسو ڪن.پريس بريفنگ ۾ پاڪستان بابت ڳالهائيندي ميٿيو ملر چيو ته امن امان برقرار رکندي پاڪستاني قانون ۽ آئين جو احترام يقيني بڻايو وڃي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستاني اختيارين کي گذارش آهي ته انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جو احترام ڪن.هن چيو ته آمريڪا پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اظهار جي آزادي ۽ پرامن احتجاج جي حمايت ڪري ٿو.










