ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چوپائي مال ۽ ماهيگيريءَ واري وزير محمد علي ملڪاڻيءَ جي صدارت هيٺ فشريز جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پارلياماني سيڪريٽري آصف خان، سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ايڊيشل سيڪريٽري ڊاڪٽر علي اختر شاهاني، ڊائريڪٽر جنرل اِن لينڊ فشريز ڊاڪٽر ذوالفقار علي لاڙڪ، ڊائريڪٽر جنرل ميرين فشريز علي محمد مستوئي، ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي، اِن لينڊ فشريز جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار علي لاڙڪ ٻڌايو ته سنڌ ۾ ماهيگيري کاتو سنڌ فشريز آرڊيننس 1980 جي تحت قائم ٿيو ۽ ان قانون ۾ وقت بوقت ترميمون ٿينديون رهيون آهن.هن ٻڌايو ته فشريز جي مينڊيٽ ۾ پبلڪ واٽرز (نهرون، واھ، ڍنڍون، ڊيم، ذخيرا) ۾ ماهيگيري جو انتظام (لائسنس ۽ اسٽاڪنگ)، تحفظ ۽ ترقي شامل آهي. ان سان گڏوگڏ، آبي زراعت لاءِ معياري مڇيءَ جو ٻج پيدا ڪرڻ ۽ پبلڪ واٽرز جي ذخيرن جي بحالي، پائيدار بنيادن تي آبي زراعت جي ترقي، ۽ توسيعي سهولتون، تربيت، ۽ ٽيڪنالاجي جي ورهاست شامل آهن.ڊاڪٽر ذوالفقار علي لاڙڪ اجلاس کي ٻڌايو ته سندن ڊائريڪٽوريٽ پائيدار ترقي لاءِ ڊيٽا گڏ ڪري تحقيقاتي ادارن سان گڏ ڪم ڪري ٿي ۽ ماهيگيرن جي بهتري لاءِ پڻ ڪم ڪري ٿي.ميرين ۽ ڪوسٽل فشريز بابت ڊائريڪٽر جنرل علي محمد مستوئي ٻڌايو ته سنڌ کي 266.5 ڪلوميٽر ڊگهي ساحلي پٽي سان گڏ 12 ناٽيڪل ميلن تائين جو علائقو حاصل آهي، جنهن ۾ متنوع ماحولياتي نظام، 400 تجارتي طور تي اهم سامونڊي مڇين جون قسمون، ۽ 13 جھينگن جون قسمون شامل آهن.هن ٻڌايو ته ڪراچي کان بدين تائين پکڙيل ساحلي علائقي ۾ 17 وڏا ڪريڪ ۽ سوين ننڍا ڪريڪ شامل آهن، جيڪي سامونڊي جيوت لاءِ هڪ نرسري جي حيثيت رکن ٿا.ڊاڪٽر علي محمد مستوئي وڌيڪ ٻڌايو ته سندن ڊائريڪٽوريٽ ٻيڙين، جيٽِيز، ۽ ڄارن جي رجسٽريشن ۽ نگراني تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته گذريل ٻن مهينن ۾ 9 بلو نيٽ ۽ 7 ڪوڊ نيٽ ضبط ڪيا ويا آهن، جن جي مد ۾ 2 لک 89 هزار روپين جي وصولي ٿي آهي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيڙين تي ويزل مانيٽرنگ سسٽم (VMS) لڳائڻ جو منصوبو پڻ جاري آهي، جنهن جو مقصد ماهيگيرن جي زندگين کي درپيش خطرا گهٽائڻ ۽ نگراني جا مسئلا حل ڪرڻ آهي. VMS کي ماهيگيري جي ٻيڙين جي نگراني لاءِ هڪ موثر سيٽلائيٽ اوزار سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو ساحلي نگراني، اسٽيشنن کي ٻيڙين جي مقام ۽ سرگرمين جي سڌي سنئين، درست، ۽ بروقت معلومات مهيا ڪري ٿو.ان منصوبي جي تحت، سنڌ فشريز ڊپارٽمينٽ 15 ميٽر کان وڏي سڀني ماهيگيري ٻيڙين تي VMS لڳائڻ کي لازمي قرار ڏنو آهي، پر مناسب ۽ گهٽ قيمت وارين ڊوائيسن جي کوٽ ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ گهربل فنڊز جي فراهمي تي اتفاق نه ٿيڻ جي ڪري ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي.ان تي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي اجلاس کي آگاهي ڏني ته هاڻي ماهيگيري ٻيڙين تي VMS لڳائڻ لاءِ IPCC جي فيصلي تحت، وزيراعليٰ سنڌ جي منظوري سان سنڌ حڪومت 300.00 ملين رپيا منظور ڪيا آهن، جيڪي سنڌ ۾ رجسٽرڊ ماهيگيري ٻيڙين تي VMS لڳائڻ لاءِ ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ هڪ ڀيري واري خرچ طور شامل ڪيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال ۾ 3500 رجسٽرڊ ٻيڙين تي VMS لڳائڻ شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته وفاقي حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت پڻ هن منصوبي ۾ پنهنجو حصو ملائينديون.وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻيءَ آفيسرن کي حڪم ڏنو ته گذريل پنجن سالن ۾ مڪمل ڪيل منصوبن جا تفصيل پيش ڪن. هن ايڊيشل سيڪريٽري ڊاڪٽر علي اختر شاهاڻيءَ کي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ تي نظرثاني رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته کاتي جي ڪنهن به آفيسر جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. کاتي کي جديد ضرورتن مطابق ٺاهڻو پوندو، جيڪو ڪم نه ڪندو، ان کي هٽايو ويندو.










