جي يو آءِ جي، اي پي سي پاران سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ جي ڀرپور مخالفت

جي يو آءِ جي، اي پي سي پاران سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ جي ڀرپور مخالفت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت سميت ملڪ جي سياسي پارٽين سنڌو دريا مان ڪينال ڪڍڻ واري رٿا کي رد ڪندي جاري ڪيل پڌرائي ۾ مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ 6 ڪينال ڪڍڻ جي تجويز جنهن ۾ ٿر ڪينال،ريڻي، چولستان گريٽر ٿهل، ڪڇي، چشما، رائٽ بينڪ ڪينال سميت ارسا ڪميٽي ۾ ردو بدل کي واپس ورتو وڃي، پاڻي جي ورھاست جي 1991واري معاهدي تحت اپريل جي شروعات ۾ پاڻي ملڻ گهرجي جيڪو نٿو ڏنو وڃي وڌيڪ ڪينال ڪڌڻ سنڌ کي سڪائڻ برابر آهي جمعيت علماء اسلام جي ميزباني هيٺ شريڪ ٿيندڙ سياسي تنظيمن طرفان سنڌو دريا مان ڪينالن ڪڍي پاڻي چوري ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظھار، آل پارٽي ڪانفرنس ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ جسقم کان سواء جي ڊي اي سميت ڪنهن به قومپرست پارٽي شرڪت نه ڪئي، سنڌو دريا مان ڪينال ڪڍڻ واري رٿا جي منظوري تي اعتماد ۾ نه ورتو ويو سنڌ جي پاڻي جو ڦڙو به چورائڻ نه ڏينداسين سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ،سنڌو دريا سنڌ جي زراعت جي ساھ جي تند آهي ساڃاھ وندن سميت سنڌ جي عوام ڪينال ڪڍڻ کي رد ڪيو آهي جي يو آئي اڳواڻ مفتي عبدالقيوم هاليجوي، اڄ قراردار منظور ٿيڻ گهرجي تي صدر زرداري جي صدارت ۾ سنڌو دريا مان 6 ڪينال ڪڍڻ جي رٿا جي منظوري کي رد ڪريون ٿا قيو اي ٽي اڳواڻ مظھر راهوجو سنڌو دريا ۾ پاڻي ڪونھي ارسا قانون ۾ ترميم ڪري سنڌ جي عوام جا خدشا ختم ڪيا وڃن جماعت اسلامي اڳواڻ حافظ نصرالله اسان هر اھڙي رٿا جي مخالفت ڪندا رهيا آهيون جنهن کي عوامي رد ڪري ٿو اي اين پي اڳواڻ يونس بونري ملير ضلعي ايئرپورٽ لڳ مقامي هوٽل ۾ جي يو آئي طرفان گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اڳواڻ جو خطاب ۽ ميڊيا بريفينگ تفصيل موجب سنڌ حڪومت سميت ملڪ جي سياسي پارٽين سنڌو دريا مان ڪينال ڪڍڻ واري رٿا کي رد ڪري ڇڏيو آھي جمعيت علماء اسلام ف جي ميزباني هيٺ ملير ضلعي ۾ ايئرپورٽ لڳ مقامي هوٽل ۾ گهرايل آل پارٽي ڪانفرنس ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ جسقم کان سواء جي ڊي اي سميت ڪنهن به قومپرست پارٽي شرڪت نه ڪئي جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ، نثار کھڙو، صوبائي وزير ڄام خان شورو وقار مھدي عاجز ڌامرا کان علاوا مرڪزي مسلم ليگ جي فيصل نديم جي يو پي جي مفتي محمد غوث صابري ، مرڪزي جمعيت اهلحديث جي مولانا يوسف قصوري قومي عوامي تحريڪ جي مظھر راهوجو جسقم جي الھي بخش بڪڪ شرڪت ڪئي اي پي سي جي صدارت جي يو آئي جي صوبائي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڪئي ۽ جي يو آئي سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو اي پي سي جا ايجنڊا پيش ڪيا جنهن۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو دريا مان 6 ڪينال ڪڍڻ شامل هئا ان موقعي تي اي پي سي ۾ ڳالھائندي ۽ ميڊيا کي بريفينگ ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو ته سنڌو دريا مان 6ڪينال ڪڍڻ جي مسئلي کي گڏيل مفادن واري ڪونسل ۾ کڻي ويو آهيان ته 1991واري معاهدي تي عمل ڪيو وڃي جنهن ۾ 37سيڪڙو پاڻي جو حصو سنڌ 37 سيڪڙو حصو پنجاب ۽ ٻين صوبن جو آهي هن چيو ته ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر چولستان ڪينال تي سخت اعتراض ڪيو آهي هي وقت آزمائش جو آهي مقابلو ڪنداسين ميدان ڇڏي نه ڀڄنداسين آئين ۾ پاڻي جي حوالي سان واضح طور لکيل آهي ته گڏيل مفادن واري ڪونسل معاملن جي منظوري ڏيندي جتي مون مئي ۾ پنهنجي ڳالھ رکي هئي هن چيو ته ارسا ڪينالن مان پاڻي کڻڻ جو سرٽيفڪيٽ چار مھينن لاء ڏنو هو ۽ پروجيڪٽ 12 مهينن جو آهي سنڌو دريا مان ڪينال ڪڍڻ ۾ پاڪستان جي صدر جو ڪوبه ڪردار ناهي سنڌ جي حصي جي پاڻي مان هڪ ڦڙو به چورائڻ نه ڏينداسين ان نقطي تي هڪ آهيون نٿا چاهيون ته ان مسئلي تي سياست ڪئي وڃي هن چيو ته آئون ڪنهن سياسي جماعت تي تنقيد نٿو ڪرڻ چاهيان پر ڪينال ڪڍڻ پاري معاملي تي وفاقي حڪومت سان اختلاف رکان ٿو هن مطالبو ڪيو ته 1991 واري پاڻي معاهدي کي تحفظ ڏيندي عمل ڪيو وڃي جي يو آئي اڳواڻ مفتي عبدالقيوم هاليجوي ۽ راشد محمود سومرو چيو ته سنڌو دريا مان تڪراري 6 ڪينالن جي مسئلي تي 13کان وڌيڪ سياسي پارٽين کي گهرائي پنهنجو قومي فرض ادا ڪيو آهي هنن چيو ته پاڻي ڪانفرنس لاء سموري پارٽين خاص طور سياسي مذهبي حڪومتي ۽ مخالف ڌر پارٽين کي اهو فيصلو ڏيڻ گهرجي ته اسان پاڻي جي معاملي تي سڀ گڏ آھيون قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو چيو ته ايوان صدر ۾ سنڌو دريا تي 6ڪينال ڪڍڻ جي منظوري ڏني ويئي اڄوڪي اي پي سي ان فيصلي کي رد ڪري جيڪڏهن ايوان صدر جي فيصلي کي رد نه ڪيو ويو ته اهڙي قرارداد تي قومي عوامي تحريڪ صحي نه ڪندي هن چيو ته ايوان صدر ۾ ويهي سنڌو دريا تي ڌاڙي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي جنهن سان سنڌ سڪي ويندي ۽ سنڌ جي 7ڪروڙ ماڻهن جي بقا ۽ مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو جسقم اڳواڻ الھي بخش بڪڪ چيو ته قانوني سنڌ و جي پاڻي تي حق پڇڙي وارن جو آهي پر وفاقي حڪومت پاڻي سميت سنڌ سمورن وسيلن تي قبضو ڪري رهي آهي ڪنهن به صورت پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نصرالله چيو ته سنڌو دريا ۾ پاڻي جي مسئلي تي عوامي سراپا احتجاج آهيان سلسلي ۾ ارسا ايڪٽ نئي سر جائزو وٺي عوام زراعت ۽ سنڌو دريا متعلق اثرائتا فيصلا ڪيا وڃن اي اين پي جي اڳواڻ يونس بونري چيو ته اسان هميشه اھڙي رٿان جي مخالف ڪندا رهيا آهيون جنهن سان عوامي کي نقصان پهچي ٿو پاڻي جو مسئلو معمولي ناهي ملڪ ۽ عوامي جي مفادن وٽان فيصلو ڪيو وڃي مسلم ليگ جي اڳواڻ بشير ميمڻ چيو ته مسلم ليگ ن سنڌ سنڌ جي عوام سان گڏ آھي وفاقي حڪومت کان گهر ڪيون ٿا ته سنڌو دريا جي پاڻي متعلق قومي مفادن وٽان فيصلا ڪيا وڃن ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي عبدالحسيب مرڪزي مسلم ليگ جي اڳواڻ فيصل نديم ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو اي پي سي ۾ قرادادون منظور ڪندي پڌرائي جاري ڪئي ويئي ته وفاقي حڪومت طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ 6 ڪينال ڪڍڻ جي تجويز جنهن ۾ ٿر ڪينال،ريڻي، چولستان گريٽر ٿهل، ڪڇي، چشما، رائٽ بينڪ ڪينال سميت ارسا ڪميٽي ۾ ردو بدل کي واپس ورتو وڃي، پاڻي جي ورھاست جي 1991واري معاهدي تحت اپريل جي شروعات ۾ پاڻي ملڻ گهرجي جيڪو نٿو ڏنو وڃي،وڌيڪ نئوان ڪينال ٺاھڻ سان لکين ايڪڙ زمين سڪي ويندي ۽ رڳو چند ڪمپنين کي مالي فائدو ٿيندو سنڌ جا لکين آبادگار سميت 2ڪرڙون کان وڌيڪ ماڻهون بيروزگار ٿيندا جيڪو انسان حقن جي چارٽر جي ابتڙ آھي

پهنجو تبصرو موڪليو