سنڌو دريا اسان جو ساهه آهي، ڪينال ڪڍڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون

سنڌو دريا اسان جو ساهه آهي، ڪينال ڪڍڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون

سڪرنڊ (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي سنڌو درياءُ مٿان ڇهن ڪينالن ڪڍڻ واري اعلان کي رد ڪرڻ لاءِ 24 نومبر تي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي قومي شاهراھ بلاڪ ڪرڻ واري پروگرام جي دعوت ڏيڻ لاءِ سنڌ ٿنڪرس فورم جي چيئرمين سيد محمد منير شاھ وٽ درگاھ پير ذاڪري پهتو جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو اسان جو ساھ آهي ان مٿان ڪنهن به قسم جو ڪينال منظور ناهي اسين سائين جي ايم سيد جي نظرئي عدم تشدد جا قائل آهيون ان ڪري اسان کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي هن چيو ته اسان جي جدوجهد تيسيتائين جاري رهندي جيسيتائين ڪينالن جو فيصلو واپس نٿو ورتو وڃي ان ڪري حڪمرانن کي اها ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته ڪينال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته اسان کي اميد آهي ته سنڌ واسي 24 نومبر تي اسان جو ڀرپور ساٿ ڏيندا ان موقعي تي سنڌ ٿنڪرس فورم جي چيئرمين سيد محمد منير شاھ ڳالهائيندي چيو ته مهربانيون صنعان خان قريشي جون جيڪو درگاھ تي ڪهي اچي ان پيغام ڏنو آهي جيڪو اسان جو خود جو مسئلو آهي اسين سنڌوءَ مان نڪرندڙ ڪينالن کي سنڌ دشمني سمجهون ٿا اسين نٿا سمجهون ته ڪو غيرت مند سنڌ ڪينالن جي حمايت ڪندو ان ڪري اسين صنعان خان کي يقين ٿا ڏياريون ته ان شاء الله سنڌي قوم احتجاج ۾ ضرور شرڪت ڪندي ان موقعي تي ڏاڏو اطهر سومرو ، ديدرار شام ، جساف جو مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، ، آصف رضا مگسي ، مسعود شاھ ، قربان ٻنڀ . عالم ڪيريو ۽ ٻيا شريڪ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو