پورهيت جي گهر کي باهه،چوپائي مال سميت سامان سڙي رک

پورهيت جي گهر کي باهه،چوپائي مال سميت سامان سڙي رک

شھدادپور (ن س )شھدادپور ٻيراڻي روڊ پبلڪ ھيلٿ آفيس ڀرسان قائم ڪولھي ڪڇي برادري جي گھرن کي اوچتو باھ لڳي وئي, گھر ۾ پيل, اناج, ڪپڙا, چوپايو مال سميت گھر سڙي رک ٿي ويا, فائر برگيڊ اطلاع باوجود دير سان پھتي, باھ تي ظابطو آندو ويو،شھدادپور ٻيراني روڊ پبلڪ ھيلٿ آفيس ڀرسان قائم ڪولھي ڪڇي جي گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي, گھر ۾ پيل قيمتي سامان, چوپايو مال, ڏاج, روڪ رقم, اناج ۽ ٻيو گھر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو, ڪولھي ڪڇي برادري جي مردن عورتن ھري, نانجھي, مٺو, شانو, پپو, ارجن, ڌنو, رميش, جيرو, شريمتي جمنا موجب ته گند ڪچري کي اوچتو باھ لڳي جنهن سبب گھرن کي باھ لڳي وئي. باھ لڳڻ سبب اسان جا 8 گھر ٻڪريون, ڪڻڪ, ڪپڙا, پيتيون, ۽ گھر ۾ پيل ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. هوڏانهن اطلاع تي فائر برگيڊ عملي ۽ گھر ڀاتين باھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو. هوڏانهن متاثرين کليل آسمان هيٺ ويٺل هئا ڪنهن به چونڊيل نمائندي سندن واهر نه ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو