پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي

پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تي پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي، اتفاق راءِ کانسواءِ ڪوبھ منصوبو شروع ڪرڻ نامناسب عمل آھي. پنجاب جي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري جي بيان تي ردعمل جو اظھار ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ 1991ع جو پاڻي معاھدو سنڌ سميت سمورن صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي لازمي قرار ڏئي ٿو، عظميٰ بخاري پھرين زميني حقيقتون معلوم ڪري پوءِ بيان ڏئي. ھن چيو تھ اسان چاھيون ٿا تھ پوري پاڪستان ۾ خوشحالي ھُجي ۽ زراعت جو شعبو ترقي ڪري، ننڍن ھارين کي وڌ کان وڌ سھولتن ۽ مدد جي ضرورت آھي، پاڻي جي معاملي تي سنڌ جو موقف بلڪل واضح آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو