اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ احتجاج کي روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته احتجاج اسلام آباد تي حملي جو تاثر ڏئي رهيو آهي، اجازت کانسواءِ اهڙي قسم جو احتجاج ملڪ ۾ لاقانونيت جو تاثر ڏئي ٿو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ جو غير قانوني احتجاج روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي.درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي کي احتجاج روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي.










