ججن جي پارليامينٽ ۾ تقريرن خلاف درخواست پيروي سبب خارج

ججن جي پارليامينٽ ۾ تقريرن خلاف درخواست پيروي سبب خارج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پارليامينٽ ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي تقريرن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ سپريم ڪورٽ جي ججن جي پارليامينٽ ۾ تقريرن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻئي طرف آئيني بئنچ هڪ واقعي تي 2 ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ جي درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اهڙن ڪيسن سبب التوا وارن ڪيسن جو انگ 60 هزار تائين پهچي ويو آهي. اسان کي بار بار ياد ڏياريو پيو وڃي ته 60 هزار التوا وارا ڪيس آهن. ڇو نه توهان جي درخواست کي ڏنڊ سان رد ڪيو وڃي؟توهان پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهيو، اهڙا ڪيس به ڪندا آهيو؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته عدالت صغرا بي بي ڪيس جو فيصلو ڏئي چڪي آهي، ٻي ايف آءِ آر رد ڪرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ڇو نه ويا؟

پهنجو تبصرو موڪليو