وهاب سان اسٽيل مل وفد جي ملاقات، پاڻي جي فراهم ڪريو

وهاب سان اسٽيل مل وفد جي ملاقات، پاڻي جي فراهم ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان پاڪستان اسٽيل مل جي ھڪ اعليٰ سطحي وفد چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسد الله خان ميمبر سنڌ اسيمبلي ساجد جوکيو راجا رزاق بلوچ سي اي او پاڪستان اسٽيل مل اسد اسلام (آن لائن) سيد محمود عباس رضوي محمد اصغر شاهين چيئرمين بن قاسم ٽائون ۽ ٻين بلدياتي نمائندن سميت ڊي ايم ڊي آر آر جي واٽر ڪارپوريشن ۽ سمورا چيف انجنيئرز پڻ موجود هئا ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پاڪستان اسٽيل مل جي رهائشي علائقن اسٽيل ٽائون گلشن حديد فيز 1 فيز 2 ۽ ايڪسٽينشن فيز 3 ۾ پاڻي جي فراهمي بابت تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ان موقعي تي پاڪستان اسٽيل مل انتظاميا پنهنجي پاڻي جو سڄو نظام واٽر ڪارپوريشن حوالي ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جڏھن تہ واٽر ڪارپوريشن پاڪستان اسٽيل مل کي پنھنجو پاڻي جو سمورو نظام حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن واضح ڪيو تہ جيڪڏهن پاڪستان اسٽيل مل زيرو پوائنٽ اسٽيل ڪينال ۽ فلٽر پلانٽ سميت پنهنجو سمورو نظام واٽر ڪارپوريشن جي حوالي ڪري ٿو تہ واٽر ڪارپوريشن لاڳاپيل علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو ان کان سواءِ پاڪستان اسٽيل مل واٽر ڪارپوريشن کي پنھنجي بقايائن جا 11 ارب رپيا جلد ادا ڪري ڇاڪاڻ تہ واٽر ڪارپوريشن کي پنهنجي ريٽائرڊ ملازمن جون بقايائون ادا ڪرڻيون آھن ان حوالي سان پاڪستان اسٽيل مل عملدارن جو چوڻ هو تہ پاڪستان اسٽيل مل انتظاميا پنهنجي بورڊ کان منظوري وٺڻ کان پنهنجي موقف کان آگاھ ڪندي ان موقعي تي ترجمان واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ هو تہ جيستائين ڪو معاهدو نہ ٿيندو تيستائين اسٽيل مل انتظاميا گلشن حديد فيز 1 فيز 2 ڊسٽري بيوشن نيٽ ورڪ ايڪسٽينشن فيز 3 ٽائون شپ اسٽيل ٽائون صنعتي صارفين ۽ ٻين رهائشي آبادين ۽ هائوسنگ سوسائٽين ۾ پاڻي جي فراهمي جي پاڻ ذميوار آھي ڇاڪاڻ تہ پاڪستان اسٽيل مل جا رهائشي علائقا اسٽيل ٽائون گلشن حديد فيز 1 فيز 2 ۽ ايڪسٽينشن فيز 3 واٽر ڪارپوريشن جي نئين ايڪٽ 2023 تحت واٽر ڪارپوريشن جي زمري ۾ نہ ٿا اچن ھن چيو تہ پاڪستان اسٽيل مل جي ايراضي اندر اچڻ وارا علائقا واٽر ڪارپوريشن جي نئين ايڪٽ جي تحت واٽر ڪارپوريشن جي سسٽم ۾ شامل نہ آھن ڇاڪاڻ تہ پاڪستان اسٽيل مل جي آئيني باڊي موجود آهي جنهن جي تحت مٿي ڄاڻايل علائقا پاڪستان اسٽيل مل جي زمري ۾ اچن ٿا ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن پنهنجي بلڪ واٽر سپلاءِ سسٽم ڪراچي گجو ڪينال جي ذريعي پاڪستان اسٽيل مل کي مسلسل پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو