ڪچي ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

ڪچي ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

پنوعاقل (رپورٽر) پنوعاقل جي ڪچي ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ، فائرنگ ھڪ ڄڻو مارجي ويو ،چار ڄڻا زخمي، گدپور جي ڪچي ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو ، ھڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ، عزيز الله چاچڙ مارجي ويو ، احسان ، رب ڏنو ، صوبن ۽ نصير چاچڙ زخمي ٿي پيا، زخمين کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو ، فوتي جو لاش واقعي واري ھنڌ پيل منتقل ڪيو ويو، تفصيل موجب پنوعاقل جي ڪچي ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ ھڪ ڄڻو مارجي ويو جڏھن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، گدپور جي ڪچي ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو ، ھڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ ۾ عزيز الله چاچڙ مارجي ويو جڏھن ته احسان ، رب ڏنو ، صوبن ۽ نصير چاچڙ زخمي ٿي پيا، زخمين کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو ۽ فوتي جو لاش اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪاررواين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو