سمال انڊسٽريز جي انتظام هيٺ ٽريننگ سينٽرن کي فعال ڪبو

سمال انڊسٽريز جي انتظام هيٺ ٽريننگ سينٽرن کي فعال ڪبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته سنڌ اسمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جي انتظام هيٺ ٽريننگ سينٽرن کي فعال ڪيو ويندو ته جيئن نوجوانن کي ووڪيشنل ۽ ٻين ٽريڊ ۾ تربيت فراهم ڪري ان کي معاشري جو هڪ فعال مفيد حصو بڻائي سگهجي. اها ڳالهه صوبائي وزير صنعت، واپار ڄام اڪرام الله ڌاريجو پنهنجي صدارت هيٺ منعقد ٿيندڙ هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چئي. گڏجاڻي صوبائي وزير صنعت، واپار جي آفيس ۾ منعقد ٿي. گڏجاڻي ۾ صنعت، واپار واري سيڪريٽري محمد ياسين شر بلوچ، ايم ڊي سائٽ غضنفر علي قادري ۽ ايم ڊي اسمال انڊسٽريز ثروت فهيم پڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي سنڌ اسمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جي بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ اسمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جي انتظام هيٺ پوري صوبي ۾ 22 انڊسٽريل اسٽيٽ/پارڪس جڏهن ته ست آرٽيسن ڪالونيون پڻ آهن. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سنڌ اسمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جي ٽريننگ سينٽرن کي فعال ڪيو ويندو. سنڌ اسمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جا مالي مسئلا پڻ ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ اسمال انڊسٽريز ڪارپوريشن کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ آفيسر سخت محنت ڪن ۽ ملازمن جي پگهارن کي وقت تي ادائيگي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. صنعت، واپار واري وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته انڊسٽريل پلاٽن تي مقرر بقاياجات جي وصولي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن اداري جا مالي معاملا بهتر ٿي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو