عمران خان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اميدوارن جي لسٽ مان ٻاهر

عمران خان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اميدوارن جي لسٽ مان ٻاهر

لنڊن (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ باني جو آڪسفورڊ يونيورسٽي جو چانسلر بڻجڻ جو خواب خواب ئي رهجي ويو.يونيورسٽي طرفان جاري ڪيل اميدوارن جي لسٽ ۾ سندس نالو شامل نه ڪيو ويو،آڪسفورڊ يونيورسٽي چانسلر جي چونڊ لاءِ اميدوارن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي،آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل لسٽ ۾ پي ٽي آءِ جي باني جو نالو شامل ناهي.چانسلر جو عهدو روايتي ۽ علامتي نوعيت جو آهي ۽ هن اليڪشن ۾ اهم شخصيتون حصو وٺي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو