پورٽ قاسم ۾ روڊ حادثي سبب  پيءُ ۽ پٽ فوت

پورٽ قاسم ۾ روڊ حادثي سبب پيءُ ۽ پٽ فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملير جي علائقي پورٽ قاسم ڀرسان اڻڄاتل گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي. پورٽ قاسم آئل ڊيپو ڀرسان اڻڄاتل گاڏي موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو. حادثي جي نتيجي ۾ 40 ورهين جو عابد ۽ سندس ڏيڍ سالا پٽ عاطف موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته عابد جي گهر واري نادره سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل گاڏيءَ موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو آهي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جلد گاڏي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو