لاڙڪاڻو(ن س) پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙي جي لاڙڪاني واري گهر تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن ڪريڪر حملو ڪري فرار ٿي ويا. کهڙو جي ترجمان موجب لاڙڪاڻي جي نذر محلا روڊ تي نثار کهڙو جي گهر تي ڪريڪر اڇلايو ويو پر ڪريڪر ڦاٽڻ سبب ڪو به جاني يا مالي نقصان نه ٿيو. ترجمان جو چوڻ هو ته ڀت اونچي هئڻ سبب ڪريڪر گهر اندر نه وڃي سگهيو، جڏهن ته نثار کهڙو واقعي وقت لاڙڪاڻي ۾ موجود به نه هو. حملي کانپوءِ سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان تفصيل طلب ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت ڪئي آهي.










