ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان جي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت بابت درخواست تي فوري ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل خرم شير زمان موقف اختيار ڪيو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي 2 هفتن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ چيو هو، جڏهن ته عدالت 7 نومبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي.هن مطالبو ڪيو ته درخواست تي فوري ٻڌڻي ڪئي وڃي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ارجنٽ ٻڌڻي جي ڪهڙي نوعيت آهي؟ خرم شير زمان جي وڪيل جواب ڏنو ته خرم شير زمان عمري تي وڃڻ چاهي ٿو، پاسپورٽ جي تجديد ناهي ٿي رهي.عدالت درخواست جي تڪڙي ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪندي وفاقي حڪومت کان 29 آڪٽوبر تائين لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو.










