اڄ جا مخالف ماضي ۾ آئيني عدالت جي حمايت ڪندا هئا

اڄ جا مخالف ماضي ۾ آئيني عدالت جي حمايت ڪندا هئا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت جي مخالفت ذاتي پسند ۽ ناپسند تي ٻڌل آهي.هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2007ع کان وٺي عدالتي سڌارا پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهن ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ وفاقي آئيني عدالت جو ذڪر آهي.چيئرمين پ پ چيو ته اڄ جي مخالفن ماضي ۾ وفاقي آئيني عدالت جي حمايت ڪئي آهي، آئيني عدالت جي مخالفت ذاتي پسند ۽ ناپسند تي ٻڌل آهي.بلاول ڀٽو چيو ته چونڊيل نمائندن کي عوام جو مينڊيٽ ڏنو هو ته وفاقي آئيني عدالت قائم ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو