ٽنڊوالهيار(ن س) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ کي احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.ٽنڊي الهيار ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آئيني ترميمن تي جيڪي شيون رد ڪيون هيون، اهي واپس ٿي ويون، اسان ان مسودي کي رد ڪري ڇڏيو، جيڪو حڪومت آندو هو، ان مسودي سان عدليه ڪمزور ٿيندي ۽ انساني حقن کي تباهه ڪيو ويندو، هاڻ واري مسودي تي ڪافي حد تائين اتفاق آهي،هن چيو ته اسيمبلي ان لاءِ ناهي ته عوام جي مفاد خلاف قانون پاس ڪيا وڃن.بلاول ڀٽو، نوازشريف ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت سان ملاقات ڪندس، 18هين ترميم کي 9 مهينا لڳي ويا، اڄ ڪهڙو مسئلو آهي جيڪو اسان تي جلدي مسلط ڪيو ويو، اسان اتفاق راءِ تي پهچي ويا آهيون.مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ کي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس تائين احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي.










